امام بخش مڱريوحڪيم

امام بخش مڱريوحڪيم

امام بخش مڱريوحڪيم

امام بخش مڱريو، حڪيم: حڪيم استاد اِمام بخش ولد دوست محمد مڱريي پهرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. 1978ع ۾ پرائمري تعليم کپري مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ 1983ع ۾ نيشنل اسلاميه هاءِ اسڪول کپري مان ۽ انٽر 1986ع ۾ ڊگري ڪاليج کپري مان پاس ڪيائين. بي. اي 1993ع ۾، ۽ ايم. اي 1996ع ۾ ڪيائين. 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ان دوران پي. ٽي. سي، سي. ٽي ۽ بي. ايڊ جا ٽريننگ ڪورس پاس ڪيائين. ان کان سواءِ مولوي عربي 1986ع ۾ عالم عربي 1987ع ۾ ۽ فاضل عربي 1988ع ۾ اوينٽل ڪاليج محمد عالم پلي، تعلقي عمرڪوٽ مان پاس ڪيائين.
سروس دوران 1994ع ۾ بيچلر آف آيور ويدڪ ميڊيسن اينڊ سرجري (بي. يو. ايم. ايس) جو امتحان اعظم طبيه ڪاليج حيدرآباد سنڌ مان پاس ڪري، کپري موڙ تي ’گرهوڙي شفا خانه‘ نالي حڪمت جي اسپتال کوليائين، جنهن ۾ شام جو ويهندو آهي. طب ۽ جراح جو وڏو ماهر حڪيم آهي. سنڌي ادب سان سندس ننڍپڻ کان وٺي لڳاءُ رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻاراڻين ڪهاڻين جو ڪتاب ’ڏکن پُٺيان سُک‘ 1992ع ۾ شايع ڪرايائين. سنڌي ادبي سنگت شاخ کپري جو ميمبر ۽ عهديدار به رهيو. شاعري به ڪري ٿو. ان کان سواءِ (1) ’مجربات حڪمة‘، (2) ’مجربات استاد‘ ۽ (3) ’دور حاضر ۾ تعلقي کپري جا شاعر‘ ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندس اسپتال ۾ هڪ شاندار ادبي لائبريري موجود آهي جنهن ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.01  عيسوي

حڪيم استاد اِمام بخش ولد دوست محمد مڱريي پهرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جي ايم ڀڳت
ضياء الدين احمد برني 2
بشير احمد چانڊيو ڊاڪٽر
اشوڪا
اسدالله ڀٽو پروفيسر
پمناڻي هاسارام پروفيسر
استاد بڙي غلام علي خان
سڪيلڌو محمد سومار ميمڻ
ڀليڏنو کٽي
بيگم شائسته اڪرام الله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون